ويسٽ انڊيز گهر ۾ ٽي 20 سيريز ۾  آسٽريليا هٿان ڪلين سوئيپ

ويسٽ انڊيز گهر ۾ ٽي 20 سيريز ۾ آسٽريليا هٿان ڪلين سوئيپ

بيسٽر(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز کي آسٽريليا جي هٿان گهر ۾ ٽي 20 سيريز ۾ ڪلين سوئيپ جو شڪار ٿيڻو پيو.آسٽريليا پنجين ٽي 20 ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني ۽ 5 ميچن جي ٽي 20 سيريز 0-5 سان کٽي ورتي.ويسٽ انڊيز جي ٽيم 20 هين اوور ۾ 170 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ميچ ۾ شمرون هيٽمائر 52 ۽ شريف ردرفورڊ 35 رنسون ٺاهيون.آسٽريليا ويسٽ انڊيز جو هدف 17 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، آسٽريليا جي اننگز ۾ ڪيمرون گرين 32 ۽ مچل اوون 37 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو