سيٺارجا (الطاف حسين ڀٽو )وياج جا پئسا ڇو نه ٿو ڏين وياجي جو غريب جي گهر مٿان حملو فائرنگ گهر کي باهه هڪ عورت زخمي. سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ لعل بخش گوپانگ ۾ وياج جو ڪاروبار ڪندڙ وياجي گذريل رات مقامي ڳوٺاڻي ايوب گوپانگ جي گهر مٿان حملوڪري فائرنگ ڪري گهر کي باه ڏئي ڇڏي جنهن بابت سيٺارجا پوليس کي بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي واقعي خلاف ڳوٺاڻن جو مردن، عورتن ايوب، جعفر، سڄڻ ،دائم، راحيلا، زيدان، دادلي گوپانگ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام لڳايو آهي ته گذريل رات اسان جي گهر مٿان وياج جو ڪاروبار ڪندڙ واجد گوپانگ پنهنجي ساٿين چاڪر، يار محمد، عزيز، ممتاز سان گڏجي منهنجي گهر مٿان حملو ۽ گهر ۾ فائرنگ ڪئي جنهن تي ڳوٺاڻا سجاڳ ٿي پيا جنهن بعد انهن گهر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا اهڙواطلاع سيٺارجا پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هنن الزام مڙهيو ته جوابدار بااثر آهن جن مان اسان کي جاني مالي نقصان رسڻ جو خطرو آهي جنهن ڪري آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آهي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي










