وومنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

وومنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فاطمه ثناء پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندي. قومي ويمن ٽيم جو 15 رڪني اسڪواڊ ڏکڻ آفريقا سان 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچون به کيڏندو. ويمنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ 30 سيپٽمبر کان 2 نومبر تائين شيڊول آهي. پاڪستان جا سڀئي ميچ سري لنڪا ۾ ٿيندا. نتاليا پرويز، رامين شميم، صدف شمس، سعديه اقبال، شوال ذوالفقار ۽ سيده عروب شاه پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪنديون. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر اسڪواڊ ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، گل فيروزہ ۽ نجيحه علوي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو