اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ ڪڻڪ جي خريداري وارو تڪرار ختم ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ صوبي کي فوري طور تي 5 لک ٽن ڪڻڪ جي فراهمي جي اجازت ڏني وئي آهي.خوراڪ واري وزارت جي ذريعن موجب ايندڙ مهيني 5 لک ٽن ڪڻڪ موجود هوندي. ان فيصلي سان مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه گهٽجي ويو.ذريعن موجب سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ 500 رپيا في مڻ گهٽتائي ٿي آهي. قيمت 3800 کان 3300 رپيا ٿي وئي.خوراڪ واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته اميد آهي ته ايندڙ هفتي تائين ڪڻڪ جو اگهه 3 هزار رپيا تائين پهچي ويندو. ڪڻڪ جي اگهه ۾ گهٽتائي سبب اٽي جي قيمت ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي.










