ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي رابطي لاءِ رابطه ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ڪميٽي ۾ وڏو زوير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني شامل آهن، ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ وفاقي پي ٽي آءِ جو وزير علي زيدي ۽ ايم ڪيو ايم جو وزير امين الحق کي شامل آهن. وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ رسيد چنا جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اسلام آباد ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه اسد عمر سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ٻه شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني به موجود هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن سوڌو ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وڏو وزير مراد علي شاهه خصوصي جهاز ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد پهتو، ملاقات ۾ سنڌ جي منصوبن لاءِ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اهو به فيصلو ٿيو ته سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ قائم ڪيل ڪمپني جا فنڊ به هن ڪميٽي جي صلاح سان استعمال ڪيا ويندا. بعد ۾ اسد عمر ۽ امين الحق گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميٽنگ جا تفصيل ٻڌايا. هن ٻڌايو ته ڪميٽي جو ڪو به ڪنوينر ناهي، سيڪريٽري پلاننگ ڪميشن وفاق ۽ سنڌ وارا ان جي نگراني ڪندا. هن چيو ته 6 شعبن ۾ هي ڪميٽي ڪم ڪندي، جن ۾ روڊ ٺاهڻ، ٽرانسپورٽ جو نطام بهتر ڪرڻ، نالن جي صفائي، نيڪال جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ ان پاڻي کي قابل استعمال بنائڻ، صاف پاڻ جي فراهمي ُغيره شمل آهن. هن چيو ته ڪميٽي جي هي ٽئين ميٽنگ هئي ۽ انيدڙميٽنگ ڇنڇر تي ڪراچي ۾ ٿيندي.










