اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري وفاقي ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ ڏيڍ سو سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪرڻ بابت آرڊيننس جاري ڪيو آهي. آرديننس ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهار ايم اين ايز ۽ سينيٽرز برابر ڪرڻ آهي. جمعي تي جاري ڪيل 4 آرڊيننس مان ڪجهه انڪم ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽين جي اوڳاڙي ۾ ايف بي آر ۽ صوبائي ٽيڪس اختيارين جا اختيار وڌائڻ بابت هئا. جن جي خبر تي جاري ڪئي وئي هئي پر وزيرن جي پگهارن ۾ واڌ واري خبر اڄ سامهون آئي آهي. هلندڙ سال فيبروري ۾، قومي اسيمبليءَ جي هيٺين ايوان پاران “ميمبرز آف پارليامينٽ سيلريز اينڊ الائونسز (ترميمي) بل 2025” منظور ڪيو ويو هو . جيڪو اڳ ۾ ئي سينيٽ مان منظور ٿي چڪو هو. ان بل موجب ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي پگهار هڪ لک 80 هزار روپيا ماهوار مان وڌائي 5 لک 19 هزار روپيا ڪئي وئي هئي. آرڊيننس ۾ چيو ويو ته: “وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي برابر ماهوار پگهار ڏني ويندي.” هي تبديليون “وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن (پگهار، الائونسز ۽ رعايتون) ايڪٽ، 1975” ۾ ڪيون ويون. هاڻي وزيرن جي پگهار ماهوار 519,000 رپيا هوندي، جيڪا ايم اين ايز جي برابر آهي. اڳوڻي طور تي وفاقي وزيرن کي 200,000 رپيا ۽ مملڪتي وزيرن کي 180,000 رپيا ماهوار پگهار ملي رهي هئي. فيبروري 27 تي ٿيندڙ توسيع جي تحت، صدر زرداري 12 وفاقي وزيرن ۽ 9 مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو هو. ان کان علاوه، وزيراعظم جا 3 صلاحڪار ۽ 4 خاص مددگار به مقرر ڪيا ويا هئا. جنهن بعد وفاقي ڪابينا جو انگ ٻيڻو ٿي ويو هو. اڳ ۾ڪابينا جي ميمبرن جو تعداد 21 کان وڌي 43 ٿي ويو، جنهن ۾ 30 وفاقي وزير، 9 مملڪتي وزير ۽ 4 صلاحڪار شامل آهن. نون شامل ٿيندڙن مان اڪثريت حڪمران جماعت PML-N سان تعلق رکندڙ آهي، جڏهن ته اتحادي جماعتن جي اڳواڻن کي به ڪابينا ۾ جاءِ ڏني وئي هئي. صدر هڪ ٻيو آرڊيننس به جاري ڪيو، جنهن تحت “نيشنل ايگري-ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي (NAFSA)” قائم ڪئي وئي آهي. هي اٿارٽي درآمدات ۽ برآمدات بابت صفائي ۽ صحت جي قدمن (sanitary and phytosanitary measures) جي حوالي سان قدم کڻندي. ياد رهي ته ناڻي واري وفاقي وزير سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي ان جو سبب فنڊز جي عدم دستيابي ڄاڻايو هو پر پارليامينٽرينز ۽ وزير جي پگهار لاءِ حڪومت وٽ فنڊز آهن.










