پنجاب اليڪشن لاءِ فنڊز جو معاملو پارليامينٽ کي موڪلڻ جي منظوري

پنجاب اليڪشن لاءِ فنڊز جو معاملو پارليامينٽ کي موڪلڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پنجاب چونڊن لاءِ فنڊز جو معاملو پارليامينٽ ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي چونڊن لاءِ فنڊز جي سمري پيش ڪئي وئي.ذريعن موجب ناڻي واري وزارت گذريل ڏينهن جي ڪابينا جي اجلاس جي روشني ۾ فنڊن جي حوالي سان سمري اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي، جنهن جي ڪابينا منظوري ڏني.ڪابينا طرفان سمري جي منظوري کانپوءِ هاڻي پارليامينٽ پنجاب ۾ اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري ڪرڻ بابت فيصلو ڪندي.ان حوالي سان قانون واري وزير نذير تارڙ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ جو معاملو پارليامينٽ حوالي ڪيو ويو آهي، اهو معاملو پارليامينٽ ۾ بل جي صورت ۾ ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو