وفاقي ڪابينا جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي

وفاقي ڪابينا جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا جو اڄ ٿيڻ وارو اهم اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي مصروف شيڊول سبب اڄ ٿيڻ وارو وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، اڄ ٿيڻ واري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 27 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني ويندي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27 هين آئيني ترميم بابت اتحادي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد کي 27 هين ترميم ۾ مقامي حڪومت جي مسودي کي شامل ڪرڻ جو يقين ڏياريو، جنهن کان پوءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) به ترميم جي حمايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو