پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي خزاني واري مشير مزمل اسلم ڪي پي (خيبرپختونخوا) کي موٽر وي ۽ ايڪسپريس وي منصوبن ۾ شامل نه ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. مزمل اسلم چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا کي موٽر وي ۽ ايڪسپريس وي منصوبن ۾ نظرانداز ڪري رهي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته خيبرپختونخوا حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ ميگا پروجيڪٽس (وڏن منصوبن) جي لائن لڳائي ڇڏيندي.










