وفاقي حڪومت پاران برطرف ڪيل ملازمن جي بحالي لاءِ درخواست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس جي سي ۽ ايف آءِ اي سوڌو ٻين ادارن مان برطرف ٿيل هزارين ملازمن لاءِ اُميد جو ڪرڻو پيدا ٿي پيو آھي.وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ ۾  ايمپلائيز ايڪٽ 2010ع ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان درخواست ۾ فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪئي وئي آھي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته هن ڪيس ۾ سيڪٽ ايڪٽ تحت فائدو وٺندڙ هزارين ملازمن جو به موقف ٻڌڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ طرفان ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد حڪومت مختلف وفاقي ادارن مان هزارين ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو هو. جن ۾ انٽيليجنس بيورو، سوئي سدرن گيس، اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن، سوئي ناردرن ۽ ٻيا ادارا شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو