ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ هڪ ڀيرو ٻيهر ايل اين جي جا ڪارگو ملتوي ٿيڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ امتياز احمد شيخ چيو آهي ته گيس بحران، بجلي بحران، معاشي بحران ۽ ٻيا بحران وزير اعظم جي اي ٽي ايمز جا پيدا ڪيل آهن، قوم گرمين ۾ به گيس بحران جي لاءِ تيار رهي، حڪومتي نا اهليون ۽ ناڪاميون هاڻي سهپ کان ٻاهر ٿي چُڪيون آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ڪارگوز جي ملتوي ٿيڻ سان گرمين ۾ به قوم کي گيس جو بحران ڀوڳڻو پوندو، ٽينڊر الاٽ ٿيڻ بعد ڪارگوز جو ملتوي ٿيڻ ڪمزور معاهدن ۽ بدعنوانين جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته هنگامي بنيادن تي مهانگن معاهدن جو بار عوام کي ڀوڳڻو پوندو، گيس بحران جو سڌي ريت تعلق ايل اين جي سان آهي، وفاق پنهنجي نااهليءَ جي سزا عوام کي ڏئي رهيو آهي. امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته ايل اين جي جا وقت سر ۽ مضبوط معاهدا ڪيا وڃن ها ته ملڪ کي ايڏي وڏي بحران جو منهن ڏسڻو نه پوي ها، حڪومت پنهنجي ڪمزور ۽ ناقص رٿابندي جي سزا عوام کي ڏئي رهيو آهي.










