وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ بحران، سينيٽر جو صدر کي خط

وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ بحران، سينيٽر جو صدر کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ تي سينيٽر جان محمد بليدي صدر آصف علي زرداري کي خط لکي ڇڏيو. سينيٽ ۾ بلوچستان جي نمائندي سينيٽر جان محمد بليدي صدر پاڪستان ۽ يونيورسٽي جي چانسلر آصف علي زرداري کي خط لکي کين پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ جو مسئلو فوري طور حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽر جان محمد بليدي لکيو ته يونيورسٽي وٽ پينشن ۽ جي پي فنڊ جي مد ۾ ڪافي رقم آهي جيڪا مختلف اسڪيمن ۾ لڳائي وئي آهي. پر يونيورسٽي رٽائرڊ استادن ۽ ملازمن کي پينشن ۽ بقايائون ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. 50 کان وڌيڪ استاد ۽ ٻيا ملازم پنهنجا بقايائون ادائگي جا منتظر آهن. کين گذريل عيد تي به پگهارون ۽ پينشن نه ملي سگهي جنهن سبب هو ڪافي پريشان آهن. اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ ۾ پنهنجي ڪاروباري دوستن کي شامل ڪيو ۽ نئين وائيس چانسلر کي پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن ۾ وڏي تڪڙ ۾ مقرر ڪيو. اڳوڻي وائيس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي لاءِ اڳوڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان پاران پاس ڪيل قانون بنا ڪنهن سبب جي واپس قومي اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اڳوڻي صدر جي دور ۾ اردو يونيورسٽي جو انتظامي بحران وڌي ويو، جيڪو اڄ سنگين شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. سينيٽر جان محمد بليدي پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته موجوده وائيس چانسلر يونيورسٽي جي انتظامي آفيس ۾ موجود ناهي ۽ گذريل چئن مهينن ۾ صرف ڪجهه ڏينهن لاءِ يونيورسٽي ۾ موجود رهيو ۽ گهڻو وقت پرڏيهي دورن تي گذاريو. چئن مهينن ۾ ٽي رجسٽرار تبديل ڪري چڪو آهي، گذريل 12 سالن ۾ هڪ به ڪنويشن ناهي منعقد ڪيو، گذريل 20 سالن ۾ 19 وائيس چانسلر مقرر ٿيا ڪنهن هڪ به پنهنجي ڪارڪدگي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو