ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ حلف کڻندڙ وزير جي کاتن جو اعلان به ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب اطلاعات ۽ ناڻي وارا کاتا ڪنهن کي به نه مليا آهن ۽ في الحال اهي کاتا وڏو وزير پاڻ ڏسندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ ۽ سيد ناصر شاهه ٻئي اطلاعات کاتو گهري رهيا هئا پر آخري وقت تائين ٻنهي کي اهو کاتو نه ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. جاري ڪيل بيان موجب شرجيل انعام ميمڻ کي سينئر وزير جو درجو ڏيندي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، جا قلمدان ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کي صحت ۽ بهبود آبادي جا کاتا ڏنا ويا آهن. سيد ناصر حسين شاهه کي توانائي، رٿابندي ۽ ترقيات جا قلمدان ڏنا ويا آهن. سيد سردار علي شاهه کي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي، ڪاليج ايجوڪيشن ۽ مائنز اينڊ منرلز ڊيولپمينٽ جا کاتا ڏنا ويا آهن. سعيد غني کي لوڪل گورنمينٽ، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ جا کاتا ڏنا ويا آهن. ڄام خان شورو کي آبپاشي ۽ خوراڪ جا کاتا مليا آهن. ضياءَ الحسن لنجار کي گهرو، قانون، پارليامينٽري افيئرز ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن جا کاتا ڏنا ويا آهن. سردار محمد بخش خان مهر کي ايگريڪلچر سپلائي اينڊ پرائيز، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ۽ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جا کاتا ڏنا ويا آهن. علي حسن زرداري کي جيل خانه جات جو کاتو مليو آهي. سيد ذوالفقار علي شاهه کي ڪلچر، ٽوئرازم، اينٽيڪيوٽيز اينڊ آرڪائيوز جو کاتو مليو آهي. الله ڏنو خان عرف بابل خان ڀيو کي فاريسٽ اينڊ وائيلڊ لائيف جو مشير مقرر ڪيو ويو آهي. احسان الرحمان مزاري کي بين الصوبائي رابطي ۽ سيد نجمي عالم کي هيومن سيٽلمينٽ، اسپيٽل ڊيولپمينٽ اينڊ سوشل هائوسنگ ۽ لائيو اسٽاڪ اينڊ فريشريز جو مشير مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته حلف برداري بعد کاتن ڏيڻ جي بيان ۾ ته ذڪر نه هو پر بعد ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ضيا الحسن لنجار کي گهرو ۽ قانون جا کاتا به ڏنا ويا.










