لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ صدر مسلم ليگ(ن) ميان نوازشريف جي وچ ۾ جاتي امراءَ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ افغان سرحد تي جاري ڇڪتاڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.وزيراعظم ميان شهباز شريف جاتي امرا پهتو جتي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به تفصيلي مشاورت ٿي.ذريعن موجب وزيراعظم نوازشريف کي تازي حڪومتي قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ نوازشريف قومي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملڪي استحڪام ۽ عوامي رليف جي ارادن جو اظهار ڪيو.ذريعن موجب جاتي امرا ۾ شهباز شريف ۽ نوازشريف جي وچ ۾ ملاقات دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئي. انهي دوران شهباز شريف نوازشريف کان انهي جي صحت جي باري ۾ به پڇا ڪئي.










