وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد تيز ڪرڻ جو حڪم

وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني توڙي مالي نقصان تي متاثر خاندانن ۽ ڊهي پيل گهرن جي مالڪن لاءِ فوري مالي معاونت جو اعلان ڪيو آهي. مونسون 2026ع جي تباهه ڪارين بابت اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم وفاقي وزيرن کي متاثرين جي بحاليءَ، سڙڪن جي مرمت ۽ بجلي بحال ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته متاثر علائقن ڏانهن هينئر تائين 615 ٽن امدادي سامان روانو ڪيو ويو آهي ۽ برساتن جي پيشنگوئيءَ تحت ارلي وارننگ سسٽم مڪمل طور تي فعال رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو