آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿيڻ جو اعلان

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿيڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڊگهي ۽ اهم ڳالهين کانپوءِ امن معاهدو طئي ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندي. وزيراعظم معاهدي لاءِ قطر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڌرين سمورن محاذن تي فوجي ڪارروايون فوري ۽ مستقل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، معاهدي ۾ لبنان سميت سمورن محاذن تي ڪارروايون روڪڻ شامل آهي.وزيراعظم چيو ته ثالثي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ هلندڙ هفتي ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪندا، انهن ملاقاتن ۾ معاهدي تي عملدرآمد کان اڳ فني (تڪنيڪي) معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم تڪرار جي سفارتي حل تي آمريڪا ۽ ايران جو پڻ شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو