وزيراعظم وڏي ڊيٽا سينٽر ۽ آٰءِ ڪلائوڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم وڏي ڊيٽا سينٽر ۽ آٰءِ ڪلائوڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم شهباز شريف جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ ملڪ جي “سڀ کان وڏي” ڊيٽا سينٽر ۽ اسڪائي 47 اي آءِ ڪلائوڊ جو افتتاح ڪيو ۽ ان سهولت کي “حيرت انگيز” قرار ڏنو.
وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران ٻڌايو ته هن منصوبي جي گنجائش 8.5 ميگاواٽ آهي. هن چيو ته اسڪائي 47 ڪراچي جي پورٽ قاسم ۾ به 5 ميگاواٽ گنجائش وارو هڪ ڊيٽا سينٽر تعمير ڪري رهي آهي، جيڪو سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن تقريب جو حصو بڻجڻ سندس لاءِ اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي. هن چيو، “اسان جنهن سهولت جو اڄ جائزو ورتو آهي، اها واقعي حيرت انگيز آهي.”
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هي ڊيٽا سينٽر رڪارڊ وقت ۾ تعمير ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان جي فوجي ۽ سول ٻنهي شعبن جي بهترين ذهنن جي صلاحيتن جو ثبوت آهي.
هن چيف آف ڊفينس فورسز (CDF) ۽ چيف آف آرمي اسٽاف (COAS) فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت کي ساراهيو، جن جي نگراني هيٺ هي ڊيٽا سينٽر تعمير ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته کيس اميد آهي ته “جيڪڏهن اسان هن ماڊل تي عمل ڪنداسين ته مون کي پورو يقين آهي ته نه رڳو ماضي جا نقصان پورا ڪري سگهنداسين، پر هڪ نئون، متحرڪ ۽ مستقبل ڏانهن وڌندڙ پاڪستان به تعمير ڪنداسين، جنهن جي اڄ سخت ضرورت آهي.” هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪم ڏکيو ضرور آهي، پر ناممڪن هرگز ناهي.
وزيراعظم “معرڪه حق” جو حوالو ڏيندي ان کي “پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان شاندار لمحو” قرار ڏنو. هن چيو ته اهڙا واقعا اهو ثابت ڪن ٿا ته “جيڪڏهن ارادو هجي ته رستو ضرور نڪري اچي ٿو.”
وزيراعظم ڊيٽا سينٽر کي “پاڪستان جو مستقبل” قرار ڏيندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جي قيادت کي به ساراهيو. هن اعلان ڪيو ته اهڙا ئي ڊيٽا سينٽر ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ قائم ڪيا ويندا.
وزيراعظم چيو ته سڀني رياستي ادارن کي فوري طور هن سهولت سان ڳنڍجڻ گهرجي، جنهن کي هن “پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ شاندار تحفو” قرار ڏنو.
هن چيو ته هي ڊيٽا سينٽر “ناقابلِ شڪست سيڪيورٽي فراهم ڪري ٿو ۽ اسان کي اها اميد ۽ حوصلو ڏئي ٿو ته جيڪڏهن اسان گڏجي منظم طريقي سان ڪم ڪريون ته هر مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو.”
ڊيٽا سينٽر اهم بنيادي ڍانچو فراهم ڪندو: آءِ ٽي واري وزير
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير براءِ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام شزا فاطمه خواجه ڊيٽا سينٽر کي “صحيح رخ ۾ کنيل هڪ اهم قدم” قرار ڏنو.
هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان کي اهڙي بنيادي ڍانچي جي فراهمي جو بنياد ڏئي ٿو، جيڪو اڄ جي دور جي سڀ کان اهم معاشي وسيلو، يعني مصنوعي ذهانت (AI)، پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
شزا فاطمه چيو ته مستقبل ۾ صحت، زراعت، معيشت، مالي خدمتن، تعليم، سرڪاري انتظام ۽ قومي سلامتي سميت هر شعبي ۾ موقعا اعليٰ ڪارڪردگي واري ڪمپيوٽنگ تائين رسائي تي دارومدار رکندا.
هن ٻڌايو ته ميڪنزي (McKinsey) جي اندازي موجب 2030ع تائين دنيا ۾ ڊيٽا سينٽرن جي طلب ٽي ڀيرا وڌي ويندي، جڏهن ته گولڊمين ساڪس (Goldman Sachs) موجب ساڳئي عرصي تائين انهن لاءِ بجلي جي گهرج ۾ 160 سيڪڙو اضافو ٿيندو.
هن چيو، “اهو ئي پاڪستان لاءِ هڪ غيرمعمولي موقعو آهي. اسان هڪ نوجوان، وڏي آباديءَ وارو ۽ غيرمعمولي انساني صلاحيتن سان مالا مال ملڪ آهيون.”
هن زور ڏنو ته پاڪستان جي انجنيئرن، ڊولپرز، محققن ۽ ڪاروباري ماڻهن وٽ نه ذهانت جي کوٽ آهي ۽ نه ئي عزم جي، پر کين بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، جيڪا هي نئون ڊيٽا سينٽر فراهم ڪندو.
هن چيو ته اهو بنيادي ڍانچو مصنوعي ذهانت جي ماڊلن جي تياري، انهن جي انتظام، ايپليڪيشنن جي ترقي ۽ مارڪيٽ تائين رسائي جو رستو هموار ڪندو، جتي AI کي “سروس” طور مهيا ڪري قومي ضرورتون پوريون ڪري سگهبيون.
شزا فاطمه خواجه وزيراعظم شهباز شريف جي گذريل ٻن سالن دوران “ڊجيٽل نيشن پاڪستان” ويزن تحت کنيل قدمن جو به ذڪر ڪيو، جن ۾ هن سال ٿيل 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي، سمنڊ هيٺ فائبر ڪيبل جي گنجائش ٻيڻي ڪرڻ، براڊبينڊ رسائي لاءِ “رائيٽ آف وي” سڌارا، مصنوعي ذهانت بابت مهارتن جا پروگرام ۽ پاڪستان جي قومي انڪيوبيشن سينٽرن جي سهڪار سان AI اسٽارٽ اپس جو نيٽ ورڪ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو