باڪو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ سومر تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي بزنس فورم کي خطاب ڪندو ۽ آزر بائيجان جي صدر سميت اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن باڪو پهتو هو. آذربائيجان جي فرسٽ ڊپٽي وزيراعظم يعقوب عبدالله اوغلو ايوبوف، پرڏيهي معاملن واري نائب وزير يالچين رفيعوف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف، آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين ۽ ٻين سينيئر شخصيتن وزيراعظم شهباز شريف جو پرتپاڪ استقبال ڪيو هو. دوري دوران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو. ڳالهين ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ، توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ، دفاعي تعاون ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. اميد آهي ته سکر کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان ڪراچي تائين موٽر وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ ٺاهڻ بابت به ڳالهيون ٿينديون. ڇو ته آزربائيجان جي صدر جي پاڪستان واري دوري دوران ان بابت آزر بائيجان جي سيڙپڪارن دلچسپي ظاهر ڪئي هئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، تجارت وارو وزير ڄام ڪمال ۽ ٻيا اعليٰ عملدار وزيراعظم سان گڏ آهن.










