اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.وزيراعظم سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ سنڌ صوبي جي مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.ملاقات ۾ خاص طور تي ٻوڏ دوران متاثر علائقن ۾ بحاليءَ جي ڪم بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته عوامي فلاح ۽ ترقي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.










