وزيراعظم جو سعودي عرب وڃڻ جو امڪان

وزيراعظم جو سعودي عرب وڃڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سعودي عرب جو دورو ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف کي سعودي ولي محمد محمد بن سلمان طرفان سعودي عرب جي دعوت ڏني وئي آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ رياض روانو ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي اعليٰ قيادت جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيترن ئي علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ٿينديون جڏهن ته ايران آمريڪا جا اسلام آباد ۾ ڳالهين کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو دورو انتهائي اهميت جوڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو