لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين ايمان فاطمه جو چوڻ آهي ته سندس ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو خواب پورو ٿي رهيو آهي، هوءَ پهريون ڀيرو ون ڊي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ تي پرجوش آهي.ڳالهائيندي هن چيو ته سندس نالو پهريون ڀيرو ون ڊي ٽيم ۾ آيو آهي، ان کان اڳ مان آئرلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز کيڏي چڪي آهيان.ايمان فاطمه جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ کيڏڻ هر ڪنهن جو خواب هوندو آهي، منهنجو خواب به پورو ٿي رهيو آهي، مان ان کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس. مون ڪيمپ دوران بيٽنگ ۽ فيلڊنگ تي ڪم ڪيو آهي، مون پنهنجي فٽنيس کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي.هن چيو ته مان پنهنجي ڪردار مطابق کيڏندس، مون پاور هٽنگ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، مون شاٽ سليڪشن کي بهتر بڻايو آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته پلان ۽ ان وقت ٽيم جي ضرورتن مطابق کيڏان.پاور هٽر ايمان فاطمه چيو ته هن شاهد آفريدي کي شروع کان ڏٺو آهي، هوءَ سندس وانگر ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هوءَ ان طرح کيڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جيئن شاهد آفريدي کيڏندو هو. هن اهو به چيو ته جڏهن عورت ڪرڪيٽرن جي ڳالهه اچي ٿي ته هوءَ آسٽريليا جي ايليس پيري کان تمام گهڻي متاثر آهي، هن کي گهڻو ڪجهه سکڻ کي ملندو آهي جڏهن ته هوءَ پنهنجي ٽيم جي رانديگرن کان به متاثر ٿيندي آهي. ڪئپٽن فاطمه ثنا هڪ سٺي آل رائونڊر آهي.










