واپارين جو فوڊ انسپيڪٽرن خلاف احتجاج،دڪانن جا تالا ٽوڙڻ جو الزام

واپارين جو فوڊ انسپيڪٽرن خلاف احتجاج،دڪانن جا تالا ٽوڙڻ جو الزام

کڏڙو( ن سنڌيار) کڏڙو ۾ زرعي جنسن جو واپار ڪندڙ واپارين پاران فوڊ انسپيڪٽر کڏڙو جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاھرو ۔ ھٿيارن جي زور تي دڪانن جا تالا ٽوڙڻڻ جو الزام ۔ سخت نعريبازي ۔ انصاف جو مطالبو ۔ خبرموجب کڏڙو ۾ زرعي جنسن جو واپار ڪندڙ واپارين جي ايسوسيئيشن پاران صدر الجھڙيو ڏھيو ، ڪرن ڪمار ، غلام حسين ڪيريو روي ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ واپارين پاران کڏڙو جي فوڊ انسپيڪٽر جي ناجائزين خلاف ميڊيا سينٽر آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۔ انھي موقعي تي واپارين ميڊيا آڏو دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته کڏڙو ڪڻڪ گدام تي مقرر فوڊ انسپيڪٽر منصور مگسي پنھنجا ھٿياربند وٺي واپارين جي دڪانن ۽ گھرن ۾ ڪاھي پئي ٿو ۔ گذريل رات واپاري ڪرن ڪمار جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي ڪڻڪ ، سرنھن کنڊ ۽ ڦٽيون چوري کڻي ويو آھي ۔ جنھن جي ماليت لکين آھي ۔ ھنن چيو ته انھي واقعي بابت کڏڙو ٿاڻي جي پوليس به فرياد وٺڻ لاء تيار نه آھي ھنن مطالبو ڪيو ته فوڊ انسپيڪٽر خلاف ڪاروائي ڪري کڏڙو جي ھندو واپارين سان ٿيندڙ ناجائزين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو