ڪراچي(ويب ديسڪ)واٽس ايپ، هڪ مشهور ميسيجنگ ايپليڪيشن آهي، جنهن صارفين لاءِ گروپ ڪالز کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ تازي اپڊيٽ موجب واٽس اپ هاڻي 32 ماڻهن تائين گروپ ڪال ڪرڻ جي سهولت ڏئي ڇڏي آهي، مطلب ته آن لائين ڪلاس وٺڻ وارا استاد ۽ شاگرد هاڻي واٽس ايپ تي گروپ وائس ڪال ڪري سگهندا ۽ اهو نمبر 32 تائين ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه آفيس ميٽنگ وغيره به هاڻي واٽس ايپ تي آساني سان دستياب ٿي وينديون. هي فيچر واٽس ايپ جي ورشن 22.8.80 لاءِ دستياب هوندو. 32 ماڻهن سان واٽس ايپ گروپ وائس ڪال ڪرڻ لاءِ گروپ چيٽ کوليو جنھن سان توھان وائس ڪال ڪرڻ چاھيو ٿا، جيڪڏهن توهان جي گروپ چيٽ ۾ 32 يا گهٽ ماڻهو آهن، وائس ڪال تي ٽيپ ڪريو ۽ پنهنجي فيصلي جي تصديق ڪريو. پهريان 7 جواب ڏيڻ وارا ماڻهو ڪال ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، ان سان گڏ صرف گروپ ميمبر هن فيچر تحت حصو وٺي سگهن ٿا. گروپ ۾ شامل نه هوندڙ ڪال جو حصو بڻجي نه سگهندا.










