واٽر وارڊ بورڊ عملي جي ملي ڀڳت، پاڻي چوري ٿيڻ لڳو

واٽر وارڊ بورڊ عملي جي ملي ڀڳت، پاڻي چوري ٿيڻ لڳو

ڪراچي (ن سنڌيار)ڪورنگي جي مختلف علائقن ۾ واٽربورڊ عملو پوليس ۽ ٽينڪرمافيا جي ملي ڀڳت سان رات جو پاڻي چوري ٿيڻ لڳو عوام پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان علائقي واسين اعلي آفيسرن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪري ڇڏي تفصيل مطابق- ڪورنگي جي علائقن چڪراڳوٺ جي گهٽي نمبر 1 , 2 , 3 ۾ رات جو دير سان پوليس ۽ واٽربورڊ عملي جي موجودگي ۾ واٽر ٽينڪر مافيا پاڻي چوري ڪري ڪراچي جي مختلف علائقن وڪرو ڪري لکين رپيا عوام جي جيب مان اڳاڙڻ لڳا جڏهن ته عوام کي ڪنهن ميت کي غسل ڏيڻ لاء پاڻي جو هڪ ڦڙو به اڻلڀ عوام سخت گرمي ۾ به پاڻي جهڙي نعمت کان محروم آھن ۽ ٻئي پاسي پاڻي مافيا لکين روپيا عوام جي جيب مان ئي اڳاڙڻ لڳا اهڙي طرح بلال ڪالوني مهراڻ ٽائون گلشن لطيف محمد علي ڳوٺ جي حصي جو پاڻي ڪورنگي انڊسٽريل جي وڏين فيڪٽرين ۾ وڪرو ڪن ٿا ۽ٽينڪر مافيا ساڳيو پاڻي چوري ڪري عوام جي جيبن ۾ لکين رپين جو ڌاڙو هڻڻ ۾ ڏينهن رات مشغول آھن هن پوري ڌنڌي ۾ طاقتور گينگ پوري طاقت سان ملوث آھي جنهن ۾ ڪورنگي واٽر بورڊ جو عملو جنهن ۾ ايڪسين وال مين ۽ ڪورنگي پوليس جي ڪارين۔رڍن جي سرپرستي ۽ آشيرواد سان ڪم سرانجام ڏنو پيو وڃي ٻئي پاسي مافياز طرفان عوام کي غلط بياني ڪري عوام کي پاڻ ۾ وڙھڻ جي حڪمت عملي به جاري آھي هتان جي سياسي سماجي ڌرين صحافين کي ٻڌايو ته پهريون روزانو جي بنياد تي ڪورنگي جي علائقن ۾ پاڻي مهيا ڪيو ويندو هو پر هاڻي گرمي جي شروعات ٿيندي ئي اسين پاڻي پيئڻ لاء ترسي رهيا آھيون جيڪڏهن علائقي ۾ ڪنهن جي ميت ٿي وڃي ته ان کي غسل ڏيڻ لاء هڪ ڦڙو به ميسر ناهي هوندو جيڪو هن حڪومت لاء وڏو الميو آھي جڏهن ته حڪومت کي صرف وڏيون ڳالهيون ڪرڻ اينديون آھن پر عملي ڪم زيرو آھي جڏهن هي پاڻي جيڪا انسان ۽ حيوان جي جيئڻ جو سبب ۽ زندگي آھي اهو مهيا نه ٿا ڪري سگهن جيڪو سوچڻ جو مقام آھي ايس ٽي پي ضلعي ڪورنگي اڳواڻ راجه حفيظ ڏيوڙو ` پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو ڪورنگي جو سينئر اڳواڻ حمادالله بليدي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ منوربرهماڻي سنڌ سجاڳ مزدور فيڊريشن جي اڳواڻ ياسين جهلڻ سوشل ورڪر ساگر بليدي ۽ ٻين صحافين۽سان ڳالهائيندي چيو ته واٽربورڊ ادارو عوام کي جيئڻ بدران مارڻ جو ٺيڪو کنيو آھي هي پنهنجي ڪرپشن جي ڪمن ۾ پهرين نمبر تي آھن ۽ هڪ مضبوط گينگ بڻجي ويئي آھي جيڪا واٽر مافيا ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان عوام جو رت چوسي رهيا آھن هن کان وڌيڪ عوام سان ٻيو ڪهڙو ظلم هوندو جو وضو ڪرڻ لاء علائقي ۾ پاڻي ئي ميسر نه هجي پاڻي چوري جو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آھي باربار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيڻ ڪا معني رکي ٿو ڇوته ڪرپٽ آفيسرن ۽ واٽرٽينڪرمافيا جو گروھ جو نيٽ ورڪ تمام مضبوط آھي جنهن جي خلاف عوام کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو ۽ انهن ڪرپٽ گينگ خلاف روزانو جي بنياد تي تحريڪ احتجاج ۽ ڌرڻو ڏيڻو پوندو جنهن جي لاء مختلف سياسي پارٽين سان گڏجي ڪا حڪمت عملي طئي ڪري جلد فيصلو ڪنداسين ٻئي طرف چڪراڳوٺ جي رهواسين طرفان ثبوتن سان گڏ واٽر ٽينڪر ۽ واٽر بورڊ جي پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻھن جي خلاف اين سي زمان ٽائون پوليس اسٽيشن ٿاڻي تي درج ڪرائي ڇڏي آھي انهي سان گڏ کين علائقي واسين سنڌ سرڪار وزيربلديات ايس ايس پي ڪورنگي ۽ ٻين اعلي عملدارن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪندي چيو آھي ته پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏيئي کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ عوام کي جلد کان جلد پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ۽ پريشاني ۽ تڪليفن کان جان آجي ڪرائي وڃي –

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو