واٽر بورڊ ۾ فوتي ڪوٽا تي ڀرتيون، آفر آرڊر ورهائڻ جي تقريب

واٽر بورڊ ۾ فوتي ڪوٽا تي ڀرتيون، آفر آرڊر ورهائڻ جي تقريب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) واٽر بورڊ ۾ نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي ٻارن کي مستقل روزگار جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ حڪومت ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پاران ڪراچي واٽر بورڊ جي ملازمن جو اھم مطالبو پورو ڪندي واٽر بورڊ ۾ نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي ٻارن کي مستقل روزگار جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾ چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ھيڊ آفيس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جو مھمان خاص وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم ھو جڏھن تہ تقريب ۾ نئين مقرر ڪيل ايم ڊي واٽر بورڊ فريده سلام، ڊي ايم ڊي ٽي ايس انجنيئر اسد الله خان، ڊي ايم ڊي آر آر جي محمد ثاقب، صدر انجنيئرز آفيسرز ايسوسيئيشن ۽ اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، صدر پيپلز ليبر يونين لياقت مگسي، مزدور اڳواڻ ۽ جنرل سيڪريٽري پيپلز ليبر يونين سيد محسن رضا، ڊائريڪٽر پرسنل محمد امين تغلق، ڊائريڪٽر ايڇ آر ساجد نظام، پرسنل سيڪريٽري ٽو وائيس چيئرمين آغا سعيد، خورشيد مهدي، سي بي اي وسيم ابراهيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي سيد نجمي عالم جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت جي ھدايتن ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي ذاتي دلچسپي ۽ سندس اڻ ٿڪ ڪوششن سان واٽر بورڊ ملازمن جو اھم مطالبو مڃيندي گريڊ ھڪ کان يارھين تائين تعليمي قابليت مطابق آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، ھن چيو تہ الحمدالله واٽر بورڊ جي ملازمن اڄ اھم ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، سيد نجمي عالم ايڇ آر ڊپارٽمينٽ کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ نوان ڀرتي ڪيل ملازم ٽيڪس کاتي ۾  مقرر ڪيا وڃن تہ جيئن واٽر بورڊ جي آمدني کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي، جڏهن تہ نوڪري دوران وفات ڪندڙ ملازمن جي ٻارن کي مستقل بنيادن تي روزگار جا آرڊر ڏيڻ تي انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ، تمام ٽريڊ يونينز ۽ واٽر بورڊ جي ملازمن پاران مڪاني کاتي واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جو شڪريو ادا ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو