واوڊا جي نا اهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست

واوڊا جي نا اهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نااهل قرار ڏنل پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن دوران ريٽرننگ آفيسر آڏو ڪوڙو بيان ڏيڻ آئين جي آرٽيڪل 62 ون  (ايف) تحت مستقل نااهلي نٿو ڪري سگهي.  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 9 فيبروري تي پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت لڪائڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ تي نا اهل قرار ڏنو هو. مٿس الزام هو ته هن 2018 جي ​​عام چونڊن ۾ ڪراچي جي هڪ سيٽ تان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندي آمريڪي شهريت بابت ڪوڙو بيان حلفي جمع ڪرايو هو. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته ڪوڙي بيان سان لاڳاپيل هڪ مخصوص شق آهي ان ڪري ان تي عام شق لاڳو نه ٿي ڪري سگهجي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪراچي جي تڪ اين اي 249 تان 2018ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو هو. وڪيل وسيم سجاد طرفان جمع ڪرايل بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 167 تحت غلط بياني يا اعلان يا اشاعت ڪرپشن جي مترادف آهي جيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 174 تحت قابل سزا آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي 9 فيبروري جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت فيصل واوڊا جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو