ڪراچي( باغي ساگر پنھوار )پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو سنڌ کان سينٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي اليڪيشن ڪميشن وٺ پنهنجو نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو.نثار احمد کھڙو سان گڏ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، وقار علي مھدي ـ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ شھلا رضا سميت وڏي تعداد ۾ ايم پي ايز گڏ ھئا. نثار کھڙو اليڪشن ڪميشن ۾ پنھنجا ٻا فارم جمع ڪرايا. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي گل محمد جکراڻي ۽ عاجز ڌامراهه به سينٽ لاء سنڌ جي خالي سيٽ تي پنھنجو فارم اليڪشن ڪميشن وٺ جمع ڪرايو. سنڌ مان سينيٽ جي سيٽ فيصل واوڊا جي نا اهلي سبب خالي ٿي آهي. ان موقعي تي نثار کھڙو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آئون قيادت جو شڪر گذار آھيان جنهن مون تي اعتماد ڪري سينٽ لاءِ بھتر اميدوار سمجھيو ايوان ۾ پارٽي ۽ عوام لاء پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندس. ھن چيو ته عوام ئي حڪومت ٺاھي به سگھي ٿي ۽ ڪيرائي به سگھي ٿي. اسين ڪنهن سازش جو حصو نٿا بڻجڻ چاھيون، اسين وقت کان پھرين اليڪشن ڏسڻ چاھيون ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ طرف پيٽرول جون قيمتون راڪيٽ لانچر جيان وڌايون پيون وڃن ۽ وري ٻي طرف مھانگائي گھٽ ڪرڻ جون مذاقون عوام سان ڪيون پيون وڃن. اسين ھن عوام دشمن پي ٽي آئي حڪومت کي گھر موڪليندا سون.










