واره ۾ انوکي واردات،چور ٽرانسفارمر مان ڪوائلون ڪڍي فرار

واره ۾ انوکي واردات،چور ٽرانسفارمر مان ڪوائلون ڪڍي فرار

وارھ (ن س)وارھ پوليس جي نااهلي ۽ حڪومت پاران ڪيل موتمار مهانگائي جا ڀيانڪ نتيجا سامهون اچڻ لڳا وارھ ۾ پنجن ڳوٺن جي انساني آبادي کي پاڻي جي فراهمي واري واٽر سپلاء اسڪيم جو بجلي وارو ٽرانسفارمر نامعلوم ڏوهاري ڀڃي ڪوائل چوري ڪري فرار ٿي ويا, هزارين انساني آبادي جي پاڻي فراهمي بند ,يوسي جوڻاڻي جي ڳوٺ جوڻاڻي شريف جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جو رات دير سان نامعلوم چورن بجلي ٽرانسفارمر لاهي ان کي ڀڃي ان مان ڪوائل ۽ ٻيو قيمتي سامان ڪڍي فرار ٿي ويا, ھن واٽر سپلاءِ اسڪيم جو پاڻي ڳوٺ جوڻاڻي شريف , صاحب خان تنيو , رمضان گاڏھي, قبول احمد لاشاري, قائم دين گاڏھي کي سپلاءِ ٿيندو ھيو, متاثرين ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته ھي ٽرانسفارمر چوري نه پر ھنن ڳوٺاڻن جو سرعام مارڻ جون سازشون آھن, اهڙي قهر جي سانوڻ جي سخت مھيني ۾ ٽرانسفارمر چوري نه پر انسانيت جو قتل آهي اسان MNA ۽ MPA وارھ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کان گهر ٿا ڪريون تہ نوٽيس وٺي وارھ DSP ۽ SHO کي حڪم ڏنو وڃي تہ چور ظاهر ڪري سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي, ۽ هنگامي بنيادن متبادل تي ٽرانسفارمر جو بندوبست ڪري پاڻي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو