وائرس کان آجا 138 وڌيڪ زائرين گهر روانا ڪرڻ جو فيصلو

وائرس کان آجا 138 وڌيڪ زائرين گهر روانا ڪرڻ جو فيصلو

سکر (جيرام داس )قرنطينه سينٽر مان 138 وڌيڪ زائرين جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي جن کي ڪجهه دير ۾ گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويندو . صحتياب زائرين کي وڌيڪ دير لاءِ سينٽر م نٿو رکي سگهجي. اهڙو اظهار ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير اويس قادر شاهه پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن ٻڌايو ته سکر ۾ صحتياب ٿي ويل زائرين 14 ڏينهن کان قرنطينه سينٽر ۾ ترسيل هئا. واضح رهي ته اڳ ۾ پهرين مرحلي ۾ 640 زائرين جا ٽيسٽ منفي اچڻ بعد کين گهرن ڏانهن روانو  ڪيو ويو هو. اويس شاهه چيو ته سينٽر ۾ رکيل ماڻهن کي هر قسم جي سهولت ملي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو