اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڙتال ڪندڙ وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙن وڪيلن جا لائسنس رد ڪيا وڃن.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصل آباد ۾ فيڪٽري خلاف 67.8 ملين رپين کان وڌيڪ جي گئس چوري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ٽرائل ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو ته وڪيل هڙتال سبب 2 کان 3 ڀيرا پيش نه ٿيا. جنهن تي جسٽس قاضي فائز وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وڪيل ڪيئن هڙتال ڪري سگهن ٿا؟ اهڙن وڪيلن جا لائسنس رد ڪيا وڃن، هي ضابطا اخلاق پاڻ وڪيلن ٺاهيا آهن جنهن تي هو عمل نه ٿا ڪن، اهڙن ججن کي به هٽايو وڃي جيڪي حڪم لکي رهيا آهن ته وڪيل هڙتال تي آهن.جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته وڪيل هڙتال ڇو ڪري رهيا آهن؟ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ڇا عدالت وڪيل کي گهر مان ڪڍيو؟ جيڪو چاهي هڙتال ڪري، اهڙي عدالتي نظام کي ڇو بند ڪيو وڃي، سڄو نظام خراب ٿي چڪو آهي، هر ماڻهو پنهنجو ڪم ڪري ته ملڪ جو نظام بهتر ٿي سگهي ٿو.معزز جج چيو ته اخلاق جو قانون وڪيلن پاڻ ٺاهيو، ججن يا پارليامينٽ نه، اسان عدالت ۾ آئين ۽ قانون تي عمل ڪريون ٿا، انصاف اعليٰ کان ٿيندو آهي.بعد ۾ عدالت جي ٻه رڪني بينچ ڪيس ۾ فيڪٽري جي اپيل رد ڪري ڇڏي.










