هٿياربندن هٿان 10 قيدي فرار، 5 پوليس اهلڪار اغوا

هٿياربندن هٿان 10 قيدي فرار، 5 پوليس اهلڪار اغوا

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)نامعلوم هٿياربندن قلات ضلعي جي علائقي منگوچر ۾ قيدين جي گاڏي روڪي 10 قيدين کي فرار ڪري ڇڏيو ۽ 5 پوليس اهلڪارن کي سرڪاري هٿيارن سميت اغوا ڪري ويا. ڪنهن به تنظيم واقعي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب فرار ڪيل قيدين ۾ 2 سزا يافته هئا، جن پنهنجي گهروارين کي قتل ڪيو هو. گڏاڻي جيل مان قيدين کي هڪ نجي وين ۾ ڪوئٽا ۽ مچ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته منگوچر ۾ روڊ بلاڪ ڪري بيٺل هٿياربندن گاڏي روڪي. هٿيار بند بسن ۽ ٻين گاڏين جي به تلاشي وٺي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي اهلڪارن جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو