اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملي کان 60 ڏينهن بعد پاڪ-ايران هوائي سفر ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.26 فيبروري 2026 کان پوءِ پهريون ڀيرو، تهران کان ماهان ايئر جي هڪ ڪمرشل پرواز مسافرن کي کڻي اسلام آباد پهتي، پرواز ڊبليو 51185 تهران کان مسافرن کي کڻي اسلام آباد پهتي.تهران کان هڪ ايراني ايئر لائن جي مسافر پرواز اسلام آباد کان پهتي ۽ رواني ٿي چڪي آهي، هن رستي تي ماهان ايئر جي ايندڙ پرواز 7 مئي تي شيڊول ڪئي وئي آهي.










