هن ڀيري هرصورت ۾ مارچ کي نه اچڻ ڏبو:گهرووزير

هن ڀيري هرصورت ۾ مارچ کي نه اچڻ ڏبو:گهرووزير

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي فسادي مارچ کي ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ملڪ کي شرپسندن يا فساد جٿن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي.اسلام آباد وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله جي صدارت هيٺ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي آپريشنل صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر، ڪمانڊنٽ فرنٽيئر صلاح الدين محسود، آئي جي پوليس اسلام آباد ڊاڪٽر اڪبر ناصر، چيف ڪمشنر اسلام آباد عامر احمد علي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت ملڪ جي گادي واري شهر جي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ لاهور جي طرز تي اسلام آباد سيف سٽي کي جديد بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ اسلام آباد ۾ لڳل ڪيمرائن جي ڪوريج کي 100 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا فسادي مارچ جي شرپسند طرفان پوليس، رينجرز ۽ ايف سي اهلڪارن تي ڪيل تشدد ۽ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ان صورتحال کي منهن ڏيڻ توڙي امن امان کي يقيني بڻائڻ تي پوليس، رينجرز ۽ ايف سي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪئي.وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته امن امان لاءِ اسلام آباد پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي وڌيڪ مالي، ٽيڪنيڪي توڙي ليگل سپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسلام آباد پوليس جون پگهارون ۽ الائونس پنجاب پوليس جيترا ڪيا ويندا.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان پوليس جي شهيدن لاءِ پيڪيج جو رهيل هڪ ارب فوري طور ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي بطور فسادي مخالف فورس استعمال ڪرڻ لاءِ ان کي ضروري تربيت ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو