هنڊا ڪار 2022 ماڊل جي بڪنگ شروع ڪري ڇڏي

هنڊا ڪار 2022 ماڊل جي بڪنگ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هنڊا ڪار 2022 ماڊل جي ڪمپني بڪنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪمپني 3 ويرينٽس في الحال متعارف ڪرايا آهن. 1500 سي سي هنڊا سوڪ اسٽينڊرڊ جيڪا آٽوميٽڪ پيٽرول ڪار آهي، جي نئين قيمت 50 لک 99 هزار مقرر ڪئي وئي آهي. هنڊا اوريل 1500 آٽوميٽڪ پيٽرول 53 لک 99 هزار ۽ هنڊا سوڪ آر ايس 1500 سي سي آٽوميٽڪ پيٽرول جي قيمت 61 لک 49 هزار مقرر ڪئي آهي. هن جي بڪنگ 12 لک ايڊوانس ۽ باقي ٻين جي 11 لک تي بڪنگ شروع ڪئي وئي آهي. ماهرن موجب هڪ ته ڪار مارڪيٽ ۾ ناهي آئي ۽ بيو ته قيمت حد کان وڌيڪ آهي. صارفين کي مشورو ڏنو ويو آهي ته انتظار ڪريو، ڪار ڏسو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو