ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)هنڊا اٽليس ڪمپني پهريون ڀيرو 2022 ۾ موٽرسائيڪل جي ماڊلز جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. جيڪا پهرين مارچ 2022 کان لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪمپني آخري ڀيرو پهرين نومبر 2021 تي قيمتون وڌايون هيون. اٽلس هنڊا موٽرسائيڪلن جي قيمتن ۾ 9400 رپين تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ۾ مقبول ترين موٽرسائيڪل هنڊا سي ڊي 70 جي قيمت ۾ 3 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل واڌ کانپوءِ هنڊا سي ڊي 70 جي قيمت 94 هزار 900 رپين کان وڌي 97 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي. هنڊا سي ڊي 70 ڊريم جي قيمت ۾ به 3 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نئي رقم هڪ لک 4 هزار 500 ٿي وئي آهي. جڏهن ته پرائڊر جي قيمت ۾ 3 هزار 400 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن کانپوءِ سي ڊي سيونٽي پرائيڊر جي نئين قيمت هڪ لک 33 هزار 900 ٿي وئي آهي. موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني هونڊا سي جي 125 جي قيمت ۾ 3500 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 152,500 رپين مان وڌي 155,400 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي طرح CG 125SE جي قيمت 3500 رپين جي واڌ کانپوءِ 182,000 رپين مان 185,500 رپيا ٿي وئي آهي. سي بي 125 ايف ۽ سي بي 150 ايف جي قيمتن ۾ 9 هزار 400 رپيا في گاڏي واڌ ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل واڌ کان پوءِ CB125F جي قيمت 218,500 رپين مان وڌي 227,900 رپيا ٿي ويندي جڏهن ته CB150F جي قيمت 273,500 رپين مان وڌي 282,900 رپيا ٿي وئي آهي. قيمتن م واڌ جو ڪمپني ڪو سبب نه ڏنو آهي. ياد رهي ته هنڊا جاپاي ڪمپني آهي ۽ ان جا اڪثر پرزا پاڪستان ۾ ٺهن ٿا.










