هنيه جو قتل اسرائيل جي وڏي غلطي آهي، جواب ڏنو ويندو: صدر

هنيه جو قتل اسرائيل جي وڏي غلطي آهي، جواب ڏنو ويندو: صدر

تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پاشڪيان چيو آهي ته اسماعيل هنيه جو قتل اسرائيل جي وڏي غلطي آهي، ان جو جواب ڏنو ويندو.اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي تهران جي دوري دوران ايراني صدر مسعود المجڪيان سان ملاقات ڪئي.پرڏيهي خابرو اداري موجب 20 سالن ۾ اردن جي ڪنهن پرڏيهي وزير جو ايران جو اهو پهريون دورو آهي.تهران ۾ پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اردن جي پرڏيهي وزير چيو ته دوري جو مقصد خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلافن جي حل لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن، اردن هميشه فلسطيني ڪاز ۽ فلسطينين جي حقن جو دفاع ڪيو آهي.ايمن الصفدي جو چوڻ آهي ته اسان فلسطيني سرزمين تي اسرائيلي قبضي جي مذمت ڪريون ٿا، سمورن اسرائيلي عملن کي رد ڪريون ٿا جيڪي سلامتي، استحڪام ۽ امن کي روڪين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو