هندو مذهب جي توهين واري پوسٽ جو نوٽيس

هندو مذهب جي توهين واري پوسٽ جو نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتن جي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي پاران سوشل ميڊيا تي هندو مذهب جي توهين واري پوسٽ جو نوٽيس . صوبائي وزير جو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص سان فون تي رابطو، معاملي جي ايف آءِ آر داخل ڪري ملوث جوابدارن کي فوري گرفتارڪرڻ جي هدايت. صوبائي وزير چيو ته ڪنهن کي به ڪنهن جي به مذهب جي توهين ڪرڻ جي اجازت ناهي، اهڙو عمل ناقابل برداشت آهي، ان جي سخت مذمت ڪيونٿا، اھڙي عمل سان ھندو برادري جي دل آزاري ٿي آهي.صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۽ خاص طور تي ميرپورخاص مذهبي رواداري جو مرڪز آهي، اهو عمل هڪ سوچي سمجهي سازش تحت ڪيو ويو آهي ته جيئن مذهبي رواداري کي نقصان پهچايو وڃي، صوبائي وزير چيو ته پوليس جاچ شروع ڪريڇڏي آهي ، جوابدارن خلاف توهين مذهب جي قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو