احمد آباد: (ويب ڊيسڪ) هندستاني بدانتظامي جي ڪري، آءِ سي سي چارٽرڊ پروازن جو بندوبست نه ڪري سگهيو، ويسٽ انڊيز جا ڪرڪيٽر ڪمرشل پروازن تي هليا ويا.ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز جا ڪرڪيٽر ورلڊ ڪپ ختم ٿيڻ کان پوءِ 9 ڏينهن تائين هندستان ۾ ڦاٿل رهيا، آءِ سي سي ايونٽس لاءِ رانديگرن جا سڀئي سفري انتظام آءِ سي سي جي ذميواري هئي، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقي رانديگرن کي کڻي ويندڙ چارٽرڊ پرواز مسلسل دير سان هلي رهي هئي.سي ڊبليو آءِ چيو ته ويسٽ انڊيز جا رانديگر مسلسل دير جي ڪري سخت دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيا هئا، ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز آءِ سي سي کي ٻڌايو ته اسان هاڻي چارٽرڊ پروازن جو انتظار نه ڪنداسين.سي ڊبليو آءِ چيو ته رانديگرن کي ڪمرشل پروازن ذريعي وطن واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪجهه رانديگر هاڻي هندستان ڇڏي ويا آهن، ڪجهه هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ هليا ويندا.










