اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڳڻپ کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال تي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.92 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ هفتيوار بنياد تي مهانگائي جي مجموعي شرح 44.49 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 27 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، 7 شين جي اگهن ۾ لاٿ ٿي، جڏهن ته 17 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.










