هري پور: ٽرڪ جي ٽڪر ۾ بائيڪ سوار نوجوان فوت، ٻيو زخمي

هري پور: ٽرڪ جي ٽڪر ۾ بائيڪ سوار نوجوان فوت، ٻيو زخمي

هري پور: (دنيا نيوز) هري پور ۾ نيو ڪورٽ ويجهو تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو.حادثي ۾ سترهن سالن جو دانش فوت ٿي ويو، جڏهن ته 15 سالن جو سعد زخمي ٿي پيو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمن جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. فوت ٿيل نوجوان جي لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، فوت ٿيل نوجوان جي لاش کي ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.پوليس اختيارين وڌيڪ چيو ته ٽرڪ کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي ۽ ڊرائيور خلاف ڪارروائي پڻ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو