اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مقامي عدالت رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد خلاف داخل ڪيل هتڪِ عزت واري دعويٰ جو فيصلو سندس حق ۾ ڏيندي مراد سعيد کي هدايت ڪئي آهي ته هو ملتان-سکر موٽروي منصوبي بابت بنا ثبوت ڪرپشن جا الزام لڳائڻ تي 25 لک رپيا هرجاڻي طور ادا ڪري.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حڪيم خان پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته مراد سعيد اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته احسن اقبال ملتان-سکر موٽروي منصوبي ۾ 70 ارب رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث هو. عدالت چيو ته انهن الزامن سان وفاقي وزير جي ساک کي نقصان پهتو ۽ اهو عمل هتڪِ عزت جي زمري ۾ اچي ٿو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ غيرقانوني ڪميشنون وٺڻ بابت لڳايل الزام ڪنهن به قسم جي ثبوت سان ثابت نه ٿي سگهيا، ۽ انهن سبب احسن اقبال جي عزت، وقار ۽ عوامي حيثيت کي نقصان رسيو.
عدالت وڌيڪ نوٽ ڪيو ته ڪارروائي دوران ڪيترائي موقعا ڏيڻ باوجود مراد سعيد نه ته عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ نه ئي پنهنجي الزامن جي حمايت ۾ ڪو دستاويزي يا زباني ثبوت پيش ڪيو.
احسن اقبال اها هتڪِ عزت واري دعويٰ ان وقت داخل ڪئي هئي جڏهن مراد سعيد، جيڪو ان وقت وفاقي وزير هو، 2019ع ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران مٿس ملتان-سکر موٽروي منصوبي ۾ 70 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام هنيو هو.
مدعي 10 ارب رپين جي هرجاڻي جي گهر ڪئي هئي، سندس موقف هو ته انهن الزامن سندس ذاتي ۽ سياسي ساک کي سخت نقصان پهچايو. بهرحال، عدالت قرار ڏنو ته پيش ڪيل ثبوتن جي روشني ۾ گهرڪيل رقم ضرورت کان وڌيڪ هئي. عدالت دعويٰ کي بنيادي طور درست قرار ڏيندي احسن اقبال کي 25 لک رپيا معاوضي طور ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته سندس ساک کي پهتل نقصان مالي معاوضي جو مستحق آهي، پر ايتري وڏي رقم جو نه، جيتري دعويٰ ۾ گهري وئي هئي.
فيصلي ۾ آخر ۾ چيو ويو ته جوابدار مراد سعيد پنهنجن الزامن جي سچائي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن سبب اهي بيان بي بنياد ۽ هتڪ آميز ثابت ٿيا. تنهن ڪري، هو مدعي جي ساک کي پهتل نقصان جو مالي معاوضو ادا ڪرڻ جو ذميوار آهي.










