هانيا عامر ۽ ثمن ڪامران فوربز جي ايشيا 30 لسٽ ۾ شامل

هانيا عامر ۽ ثمن ڪامران فوربز جي ايشيا 30 لسٽ ۾ شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سپر اسٽار هانيا عامر ۽ فلمساز ثمن ڪامران کي آمريڪي رسالي فوربز جي تفريحي شعبي واري باوقار “30 انڊر 30 ايشيا” فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔
هي لسٽ انهن 30 نوجوانن کي مڃتا ڏئي ٿي، جن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري آهي۔ هن سال ان لسٽ جو 11هون ايڊيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي تاريخ ۾ پاڪستان جي بهترين ۽ ذهين شخصيتن کي به هر سال شامل ڪيو ويندو رهيو آهي۔
هانيا عامر، جيڪا انسٽاگرام تي پاڪستان جي “سڀ کان وڌيڪ فالو ٿيندڙ عورت” آهي. هن تازو ئي 20 ملين فالوئرز جو انگ پار ڪيو آهي. هن کي اداڪاري جي ميدان ۾ سندس ڪم تي سڃاڻپ ملي آهي۔ پنهنجي 10 سالن جي ڪيريئر دوران هن ڪيترن ئي مقبول ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ڪڀي مين ڪڀي تم، ۽ ميري زندگي هي توشامل آهن.
هوءَ پاڪستان جي پهرين Netflixنيٽ فليڪس اوريجنل سيريز Jo ’جو بچي هين سنگ سميٽ لو‘ ۾ به نظر ايندي۔
اداڪاره سماجي خدمتن ۾ پڻ سرگرم آهي، ۽ کيس آڪٽوبر ۾گڏيل قومن جي عورتن بابت نيشنل گڊ وِل ايمبيسڊر طور مقرر ڪيو ويو هو۔
ڪامران هڪ اهڙي فلمساز آهي، جيڪا انهن موضوعن تي ڳالهائڻ کان نه ٿي گهٻرائي، جن کان گهڻا پاڪستاني پري رهڻ پسند ڪندا آهن۔
هن جي مختصر فلم The Bed She Made هن سال ’بسان انٽرنيشنل شارٽ فلم فيسٽيول‘ ۾ شامل ٿيندڙ واحد پاڪستاني تخليق هئي۔ هن فلم ۾ پاڪستاني تناظر ۾ موسمياتي تبديلي ۽ بانجھپڻ جي وچ ۾ لاڳاپي کي اجاگر ڪيو ويو آهي۔
فيسٽيول جي ڪيٽلاگ ۾ پروگرامر پروفيسرسيبسٽين سائمن هن فلم بابت لکيو: “نفاست ۽ تشدد جي ميلاپ ذريعي، هي علامتي ۽ گهري معنائن واري فلم رقص جهڙن منظرن ۽ گهريلو جبر جي سخت تصويرن وچ ۾ اچ وڃ ڪري ٿي۔
ذاتي تڪليف کي جسماني احتجاج ۾ بدلائيندي، هي فلم سخت مرداڻي سماجن ۾ عورتن کي خاموش ڪرائڻ ۽ انهن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ کي چئلينج ڪري ٿي۔”
The Bed She Made ٺاهڻ کان اڳ، ڪامران پاڪستان جي ناياب سائنس فڪشن فلمن مان هڪ امرائو ايار ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو هو۔
جيتوڻيڪ 2025ع جي فهرست ۾ پاڪستاني فنڪار نمايان طور غير حاضر هئا. جڏهن ته نيزه اڇلائڻ واري چيمپيئن ارشد نديم ملڪ جي نمائندگي ڪئي — پر گذريل سالن ۾ پاڪستاني شخصيتن جي نمايان موجودگي رهي آهي، جن ۾ فلمساز بشرا سلطان2024ع ۾ فهرست ۾ شامل ٿي هئي۔
ٻيا اعزاز حاصل ڪندڙن ۾ راستا، جي باني زين احمد (2022ع)، موسيقي پروڊيوسر عبدالله صديقي ۽ آرٽسٽ مشا جاپان والا(2021ع)، ۽ ڳائڻي مومنا (2018ع) شامل آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو