هالي ووڊ پروجيڪٽ کي خاص سبب قبول نه ڪيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف چيو آهي ته هن هالي ووڊ پروجيڪٽ کي خاص سبب قبول نه ڪيو.هڪ انٽرويو ۾ 40 ورهين جي ڪترينا ڪيف چيو ته کيس تازو ئي هالي ووڊ پروجيڪٽ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر ڪجهه حالتن سبب انڪار ڪرڻو پيو.ڪترينا ڪيف چيو ته ”مون کي يقين آهي ته اهو ٿيندو ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو منهنجي ڪتاب ۾ هڪ نئون صفحو هوندو.رپورٽن مطابق اداڪارا جا مداح اڪثر کيس هالي ووڊ پروجيڪٽ ۾ ڏسڻ جي خواهش جو اظهار ڪري چڪا آهن.واضح رهي ته ڪترينا ڪيف 2003ع ۾ بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو