هاري ڪانفرنس، زمينون ھارين کي ڏيڻ ۽ ھاري ڪورٽون قائم ڪرڻ جو مطالبو

هاري ڪانفرنس، زمينون ھارين کي ڏيڻ ۽ ھاري ڪورٽون قائم ڪرڻ جو مطالبو

جهڏو ( رپورٽر) جهڏو لڳ ڳوٺ ڪارونجھر ڪالوني ۾ ھاري ڪانفرنس ۾ سوين ھارين ۽ ھارياڻين جي شرڪت، ڪانفرنس ۾ زمينون ھارين کي ڏيڻ ۽ ھاري ڪورٽون قائم ڪرڻ جو مطالبو. سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم ختم ڪرڻ جو مطالبو. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تحت غيرملڪي ڪمپنين لاءِ مختص زمين مقامي بي زمين هارين کي ڏيڻ جو مطالبو. ڪانفرنس پاران سنڌو دريا مان ڇھ نوان ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو سنڌ مٿان ايٽم بم ڪيرائڻ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار. ان موقعي تي هاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، شگن ڪولھي، اياز کوسو، پروانو ڪپري مھراڻ درس، طالب جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ تارا ٻائي، سنڌو جمالي، ممتاز جوڻيجو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جا وزير ۽ مشير ڪوڙا ڊراما رچائي سنڌي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري گرين پاڪستان منصوبن لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جي ڪم ۾ تيز رفتاري جا حڪمناما جاري ڪيا آهن. پيپلز پارٽي سنڌو درياهه تي قبضي ۾ غاصبن ۽ قبضا گيرن جي ساٿاري آهي. سردار شاھ ۽ سعيد غني عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪن. صدر زرداري ڇهن ڪينالن جوڙڻ ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هنن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڇهن ڪينالن کي رد ڪرڻ بدران ڪوڙا بيان ڏئي رهيو آهي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌو جي زمينن وسيلن ۽ سنڌو درياء جو سودو ڪيو آھي. 16 سالن جي اقتدار ۾ سنڌ جي رڪارڊ تباهي ڪئي آهي. مقامي بي زمين ھارين کي زمينون ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ وفاق حوالي ڪري ڇڏيون آھن. ڇھ نوان ڪينال سنڌو درياهه جي خاتمي برابر آهي. ڇهن نون ڪينالن وسيلي پنجاب جي ڀڙڀانگ زمين آباد ڪري سنڌ جي آباد زمين کي بنجر بڻايو پيو وڃي. سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال سنڌ جي هزارين سالا قديم تهذيب ميسارڻ جي سازش آهي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبا هارين جو قتلام آهن. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن وسيلي هارين کي دربدر ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ ڪا به جوڳي قانونسازي ناهي ڪئي وئي. هاري اڄ به وڏيرن جي غلامي حوالي ڪيا ويا آهن. وڏيرا سنڌي هارين سان بدترين سلوڪ ڪري رهيا آهن. پوليس ۽ انتظاميا وڏيرن جي ونگارو فورس بڻيل آهن. هاري عذابن ۾ مبتلا آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪري هارين کي زمينون ڏنيون وڃن. هارين مٿان ٿيندڙ ظلمن خاتمي لاءِ ضروري آهي ته جاگيرداري نظام کي ختم ڪيو وڃي.ھارين سان انصاف ڪرڻ لاء ھاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن. سنڌي ھاري تحريڪ جي ڪانفرنس ۾ ضلعي ميرپورخاص لاء نيئن باڊي چونڊي وئي جنھن ۾ صدر شگن ڪولھي، نائب صدر پروانو ڪپري. جنرل سيڪريٽري نور محمد خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري، خيرمحمد چانڊيو، خزانچي رحيم ڪلوئي، پريس ترجمان محبوب نوداڻي چونڊيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو