حيدرآباد (ن سنڌيار) ايڪھين صدي ۾ سنڌ جي هارين جي صورتحال جي عنوان سان سنڌي هاري تحريڪ طرفان ميرپور خاص ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. زرعي سڌارا آڻي هارين کي زمينون الاٽ ڪرڻ سان گڏ هارين جي ٻارڙن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ سميت هارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف قراردادون منظور ڪيون ويون. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر نور ٽالپر، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، مصطفيٰ لغاري، ايس يو پي اڳواڻ منظور ميمڻ، ميرپور خاص بار صدر شوڪت راھمون، ستار رند، علي نواز ڏاھري، مزدور اڳواڻ حميد چنو، سگا اڳواڻ جمن لغاري، تاج رند ۽ ٻين اڳواڻن سيمينار کي خطاب ڪيو. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته چوپائي مال ۾ ٿيندڙ لمپي جي بيماري حڪمرانن جي نااهلي سبب سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي چڪي آهي.

جيڪڏهن سنڌ حڪومت صفائي سٿرائي جي پئسن ۾ ڪرپشن نه ڪري هان ۽ مڇر مار اسپري جا پئسا هڙپ نه ڪري هان ته هي خطرناڪ بيماري ايڏي تيزيءَ سان نه ڦهلجي هان. سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ صحت کاتي کي ايترو ته تباهه ۽ برباد ڪيو آهي جو هن بيماري جي وئڪسين به پنهنجي ٺاهڻ جي بدران ٻاهران گهرائڻ لاءِ واجهائي رهي آهي. سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر مير نور محمد ٽالپر چيو ته جاگيردارن ۽ سرمائيدارن گڏجي سڏجي هارين ۽ مزدورن جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن. هاري ۽ مزدور ٻئي ساڳئي طبقي سان تعلق ٿا رکن تنهن ڪري مزدورن ۽ هارين جي اتحاد جي ضرورت آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام ۽ سنڌي ھاري تحريڪ اھو سمجھي ٿو/ٿي ته جيستائين پاڪستان خاص ڪري سنڌ تي انسانيت دشمن مردار ويڪائو، رجعت پرست فرسوده جاگيرداري ۽ سرداري نظام قائم رھندو تيستائين سنڌي عوام ۽ سنڌ سک جو ساھ کڻي نه سگھندو. هنن چيو ته اڄ ايڪهين صديءَ ۾ جتي دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪري چنڊ ۽ مريخ تي پھتي آھي سائنس ترقي ڪري سڄي دنيا کي ھڪ ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته ماضي ۾ مائي بختاور،ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، مير علي بخش ٽالپر، فاضل راھو صاحب ۽ رسول بخش پليجو صاحب ۽ ٻين ڪيترن ھاري اڳواڻن جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف ھارين کي منظم ڪري جدوجھد ڪئي آھي.










