ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي گرامر اسڪول جي شاگرد جَينت ڪمار آمريڪا ۾ ٿيندڙ Harvard Crimson Business Competition (HCBC) ۾ عالمي چيمپيئن بڻجي پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي. هو هن عالمي سطح جي ڪاروباري خيالن جي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني شاگرد بڻجي ويو آهي. (
هي مقابلو دنيا جي مشهور پري ڪاليج بزنس مقابلن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جنهن ۾ هر سال مختلف ملڪن جا باصلاحيت شاگرد پنهنجا جديد ڪاروباري خيال (Business Ideas) پيش ڪندا آهن. مقابلي جي آخري مرحلي ۾ دنيا جي هڪ هزار کان وڌيڪ ٽيمن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪيترين ئي ٽيمن ۾ چار چار ميمبر شامل هئا، پر جَينت ڪمار اڪيلي سر مقابلو ڪندي عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
مقابلي ۾ پيش ڪيل ڪاروباري منصوبن جو جائزو فورچون 500 ڪمپنين سان لاڳاپيل سينيئر عملدارن ۽ صنعت جي ماهرن ورتو، جنهن سبب هن ڪاميابي کي عالمي سطح تي وڏي اهميت حاصل آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب جينت ڪمار جو ڪاروباري خيال مصنوعي ذهانت (AI) جي مدد سان تحقيقي عمل کي وڌيڪ تيز، آسان ۽ مؤثر بڻائڻ بابت هو. سندس خيال کي جدت، عملي افاديت ۽ ڪاروباري صلاحيت جي بنياد تي بهترين قرار ڏنو ويو.
جينت ڪمار هڪ ٻيو تاريخي اعزاز به پنهنجي نالي ڪيو، ڇاڪاڻتہ هو Harvard Crimson Business Competition جي گلوبل فائنل تائين پهچندڙ پهريون پاڪستاني شاگرد پڻ آهي، جنهن بعد هن فائنل ۾ به پهرين پوزيشن حاصل ڪري عالمي چيمپيئن جو اعزاز ماڻيو.
هن ڪاميابي تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر سندس ڀرپور واکاڻ ڪئي وئي. پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پڻ جينت ڪمار کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن پنهنجي غيرمعمولي ڪاميابي سان پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي.
تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته جينت ڪمار جي هي ڪاميابي پاڪستاني نوجوانن جي صلاحيتن، جدت ۽ عالمي سطح تي مقابلي جي سگهه جو ثبوت آهي ۽ اها ٻين شاگردن لاءِ به حوصلا افزائي جو سبب بڻجندي.










