ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي توانائي واري وزير جي صدارت هيٺ گرين هائيڊروجن پروجيڪٽ بابت اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ امتياز شيخ چيو ته چائنا اسٽيٽ گرڊ ۽ اوريڪل انرجي بريفنگ جي تعاون سان گرين هائيڊروجن پروجيڪٽ قائم ڪيو پيو وڃي اهو منصوبو پوري پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو واحد منصوبو آهي پروجيڪٽ 400 ميگاواٽ گرين هائيڊروجن پيدا ڪندو،منصوبي کي ونڊ ۽ سولر انرجي ذريعي هلائي ويندي،گرين هائيڊروجن منصوبي تي 25 ملين ڊالر لاڳت ايندي، پروجيڪٽ جي قيام سان 6 هزار ماڻهن کي سڌو سنئون جڏهن ته ٻه هزار ماڻهن کي اڻ سڌي طرح روزگار فراهم ٿيندو،سنڌ حڪومت پروجيڪٽ جي قيام لاءِ ليٽر آف انٽينٽ جاري ڪري ڇڏيو، منصوبي جي قيام لاءِ ضلعي ٺٽي گهارو ۾ 7000 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي،سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ پنهنجي ويزن موجب ڪم ڪري رهي آهي،متبادل توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن جو قيام صوبائي حڪومت جي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو










