اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواستگذارن جي شڪايتن جي بروقت ازالي لاءِ هڪ نئون آن لائن نظام متعارف ڪرايو آهي.رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ موجب درخواستگذارن جي شڪايتن لاءِ هڪ سرڪاري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.رجسٽرار موجب درخواستگذار اي ميل ۽ واٽس اپ ذريعي به پنهنجون شڪايتون موڪلي سگهن ٿا. شڪايتون جمع ڪرائڻ لاءِ اي ميل ايڊريس info@ihc.gov.pk آهي جڏهن ته واٽس اپ نمبر 6552827-0313 جاري ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اهي قدم انصاف جي فوري فراهمي جي عمل ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن، جڏهن ته شهرين جي وڌيڪ سهولت ۽ آگاهي لاءِ، اي ميل ايڊريس ۽ واٽس اپ نمبر مختلف هنڌن تي نمايان طور تي ڏيکاريا ويندا.










