سکر (جيرام داس ) فيض گنج جي ترقياتي رٿائن ۾ مبينا ڪرپشن واري ريفرنس ۾ ضمانت رد ٿيندي ئي جوابدارن جون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊوڙون لڳي ويون. نيب عملدار 17مان 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ فيض گنج تعلقه ڪائونسل جي ترقياتي رٿائن ۾ ڪرپشن واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي. عدالت نيب جي ريفرنس ۾ ڄاڻايل 17 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ضمانت رد ٿيلن ۾ پ پ اڳواڻ ساجد ٻانڀڻ جي ڀائٽي سوڌو 17 جوابدار شامل آهن. ضمانت رد ٿيندي ئي ڪيترائي جوابدار هاءِ ڪورٽ مان فرار ٿي ويا، جڏهن ته نيب عملدار 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اُنهن ۾ ثناءُ الله چانگ، علي خان، وحيد شيخ، رحمت الله ۽ شهزاد ڀٽو امل آهن. نيب جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻ جو ڀائٽيو الاهي بخش ٻانڀڻ جڏهن ٽي ايم او فيض گنج هو، اُنهي عرصي ۾ ترقياتي رٿائن ۾ وڏي پئماني تي مبينا طور ڪرپشن ٿي آهي. جوابدارن تي ترقياتي رٿائن ۾ 12 ڪروڙ رُپين جون گهوٻيون هڻڻ جو الزام آهي.










