اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني مان کٽيل ن ليگ جي 3 ايم اين ايز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر حڪم جاري ڪندي اين اي 47 تان (ن) ليگ جي اميدوار طارق فضل چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.ان کان علاوه عدالت اين اي 46 تان مسلم ليگ ن جي انجم عقيل جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، جنهن کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار عامر مغل چئلينج ڪيو هو. عدالت اسلام آباد جي تڪ اين اي 48 تان (ن) ليگ جي راجا خرم نواز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪري ڇڏيو، جنهن کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار علي بخاري چئلينج ڪيو هو.










